اميد علي شاهه اميدن ڀريو

اميد علي شاهه اميدن ڀريو

اميد علي شاهه اميدن ڀريو

اميد علي شاهه ‘اُميدن ڀريو‘: سنڌ جو مشھور ڪافي گو شاعر ۽ بزرگ اميد علي شاهه ’اميدن ڀريو‘1200هه/1785ع ڌاري ڳوٺ اگهاماڻي، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. هن جي خاندان جو سلسلو ملتان جي غوثيه بزرگن سان ملي ٿو. جوان ٿيڻ کانپوءِ پاڻ اگهاماڻي مان لڏي ٽنڊي محمد خان جي نصير آباد پاڙي ۾ اچي رھيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ ھن بزرگ جون ڪافيون شامل آھن. ھن پنھنجي ڪلام ۾ حقيقي عشق ۽ سسئي جي عاجزيءَ کي قلمبند ڪيو آھي. ھن 1285هه/1868ع ڌاري نصير آباد پاڙي، ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو